بجلي واهپيدارن لاءِ خوشخبري، وڏو رليف ملڻ جوامڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي واهپيدارن کي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 63 ارب 94 ڪروڙ رپين جو وڏو رليف ملڻ جو امڪان آهي.
نيپرا پڌرائيءَ موجب، ڊسڪوز ڪيلينڊر سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 19 مئي تي ڪئي ويندي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جنوري کان مارچ تائين ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ 36 ارب 83 ڪروڙ 70 لک رپين جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته سسٽم جي استعمال جي چارجز ۽ مارڪيٽ آپريشن فيس جي مد ۾ 11 ارب 24 ڪروڙ رپين جي ڪمي ٿي آهي.
ڊسڪوز جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انڪريمنٽل يونٽس جي مد ۾ 23 ارب 51 ڪروڙ رپيا گهٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، واهپيدارن کي رليف فراهم ڪرڻ جو حتمي فيصلو نيپرا جي ٻڌڻي کانپوءِ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.