اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آبناءِ هرمز ۾ ”پروجيڪٽ فريڊم عارضي طور روڪڻ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف لکيو ”پاڪستان، سعودي عرب ۽ ٻين برادر ملڪن جي درخواست تي صدر ٽرمپ جو هاڪاري ردعمل خطي ۾ امن، استحڪام ۽ مفاهمت کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.“
شهباز شريف موجب، پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي پرامن حل جي حمايت ڪري ٿو.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم هڪ اهڙي پائيدار معاهدي لاءِ اميد ظاهر ڪئي جيڪو خطي ۾ مستقل امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائيندو.