ڌرين کي يقين ڏياريو ته سعودي اسان لاءِ ”نو گو ايريا“ آهي، اسان حرمين شريفين جا محافظ آهيون: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو هڪ اهم سنگ ميل آهي. ايران-آمريڪا جي ٽياڪڙي دوران ”اسان ڌرين کي يقين ڏياريو ته دفاعي معاهدي سبب سعودي عرب اسان لاءِ نو گو ايريا آهي ته جيئن ڪو به ان جي طرف اک کڻي نه ڏسي سگهي.“
اسلام آباد ۾ پاڪستان علماءِ ڪائونسل طرفان ڪوٺايل ڇهين بين الاقوامي پيغامِ اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ”الله پاڪستان کي اها سعادت بخشي آهي ته اسان حرمين شريفين جا محافظ آهيون، سعودي عرب سان اسان جو معاهدو گذريل سال ٿيو هو ۽ اسان جو اسڪواڊرن اڃا به سعودي عرب ۾ موجود آهي.“
اسحاق ڊار موجب ”ايران چوندو هو ته آمريڪي اسان جي بيس تي حملا ڪري رهيا آهن، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي 47 سالن کانپوءِ ڳالهين جي ميز تي آندو، اسان آمريڪا ۽ ايران کي چيو ته توهان گڏ ويهو، اسان کي چيو ويو ته توهان به اسان سان گڏ ويهو.“
اسحاق ڊار چيو ته ”ايران موجب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ان کان اڳ اڻ سڌي طرح ڳالهيون ٿينديون رهيون، پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ اسلام آباد ۾ 21 ڪلاڪن ڳالهه ٻول جاري رهي.“
هن چيو ته ”حرمين شريفين جي پاسداري لاءِ اسان جي جان به حاضر آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو هڪ اهم سنگ ميل آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته “پهلگام واقعي جو بي بنياد الزام هڻي ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو، پاڪستاني قوم معرڪه حق ۾ مثالي اتحاد جو مظاهرو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.