اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام کي ٺڳن کان بچائڻ لاءِ سي ڊي اي 98 غير قانوني هائوسنگ منصوبن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.
اٻوجهه شهرين کي گهر، پلاٽ ۽ فليٽ جي نالي تي ڏٽو ڏئي سندن سڄي عمر جي جمع پونجي ۽ ذاتي گهر جو خواب ڀورا ڀورا ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ ٺڳ سرگرم آهن ۽ روزانو اهڙا واقعا سامهون ايندا رهن ٿا.
ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) ماڻهن کي مالي فراڊ کان بچائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ غير قانوني هائوسنگ منصوبن جي فهرست پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تي شايع ڪري ڇڏي آهي.
ان فهرست ۾ اسلام آباد جي 98 اهڙن رهائشي منصوبن جا نالا شامل آهن، جيڪي ڪجهه غير قانوني هائوسنگ اسڪيمون/ ايگرو فارمنگ اسڪيمون غير قانوني طور ڪم ڪري رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي اسلام آباد ۾ سي ڊي اي کان ڪا به منظوري يا اين او سي ناهي مليل.
ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جعلي رهائشي منصوبن جي فهرست جاري ڪرڻ سان گڏ عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته سي ڊي اي آرڊيننس 1960، آءِ سي ٽي (زوننگ) ريگيوليشنز 1992 ۽ پرائيويٽ هائوسنگ اسڪيمن جي ترقيءَ لاءِ ٺاهيل نظرثاني ٿيل طريقيڪار سي ڊي اي کي هائوسنگ ۽ فارم هائوسنگ جي منصوبابندي ۽ ترقيءَ کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو اختيار ڏين ٿا.
سي ڊي اي هائوسنگ اسڪيمن لاءِ ٻن درجن وارو منظوري وارو نظام شروع ڪيو آهي، پهرئين مرحلي ۾ لي آئوٽ پلانز (ايل او پي) جي منظوري ڏني ويندي آهي، جنهن کانپوءِ ضروري ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي اسڪيمن جي ترقيءَ لاءِ ”نو اوبجيڪشن سرٽيفڪيٽ“ (اين او سي) جاري ڪيو ويندو آهي.
ظابطن موجب، اسپانسرز سي ڊي اي کان اين او سي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي ترقياتي ڪم ۽ پلاٽن جي وڪرو شروع ڪري سگهن ٿا.