راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جي درخواست غير ضروري ۽ فضول قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو اچي ويو، عدالت طرفان درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 10 هزار رپيا ڏنڊ هنيو ويو.
عدالت درخواست گذار کي 10 هزار رپيا ڏنڊ ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي جي ڊسپينسري ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت طرفان چيو ويو ته هي ڏنڊ غريب مريضن جي علاج تي خرچ ڪيو ويندو.
عدالت چيو ته اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن جو طريقو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳ ئي طئي ڪري چڪي آهي، ٽرائل ڪورٽ ملاقاتن تي ڪو به تڪراري حڪم جاري نٿي ڪري سگهي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته عمران خان جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ ضمانت تي آهي، جڊيشل رمانڊ تي ناهي، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ اڳ به اهڙي نوعيت جون 2 درخواستون داخل ڪيون ويون هيون، لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ بدران درخواست گذار عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته وڪيل فيصل ملڪ اڄ 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ درخواست ڏني هئي.