ڪراچي (عوامي آواز نيوز) تعليمي بورڊن کان 20 ڪروڙ رپيا رشوت طور کڻي وڃڻ جا الزام، نتيجن ۾ ڦيرڦار ۽ پوسٽنگن ۾ مداخلت ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ جي تعليمي بورڊن مان 20 ڪروڙ رپيا رشوت طور کڻي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو، اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار ميرپورخاص بورڊ جي ڪنٽرولر جاچ دوران اهم ۽ نوان انڪشاف ڪيا آهن، اينٽي ڪرپشن جي نوٽيس ۾ الزام هنيو ويو ته ٿوري عرصي دوران سنڌ جي مختلف تعليمي بورڊن مان 20 ڪروڙ رپيا رشوت طور کڻي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي تائين پهچايا ويا، ڄاڻايل رقم نتيجن ۾ تبديلي، امتحاني ۽ انتظامي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ۽ ٽرانسفر ۽ پوسٽنگن جي مد ۾ ورتي وئي، رپورٽن موجب اها رقم تعليمي بورڊن طرفان هڪ ڊپٽي سيڪريٽري فرحان اختر وسيلي سيڪريٽري بورڊ اينڊ يونيورسٽيز تائين پهچائي وئي، اينٽي ڪرپشن موجب ڪراچي ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ مان 7 ڪروڙ، سکر بورڊ مان 4 ڪروڙ، حيدرآباد بورڊ مان 4 ڪروڙ ۽ شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) بورڊ مان 5 ڪروڙ رپيا وصول ڪيا ويا، جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان سيڪريٽري ۽ چيئرمين ميٽرڪ بورڊ ڪراچي، چيئرمين انٽرميڊيٽ بورڊ ڪراچي، چيئرمين سکر بورڊ زاهد علي چنڙ ۽ چيئرمين نوابشاهه بورڊ آصف ميمڻ کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، ان کان سواءِ اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري فرحان اختر، سيڪريٽري نوابشاهه بورڊ، سيڪشن آفيسر محمد زبير ڪٽبر، ڪنٽرولر سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد بورڊن کي به نوٽيس موڪليا ويا، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ٽن اڳوڻن چيئرمين ميرپورخاص بورڊ ۽ لاڳاپيل وزير جي پرسنل سيڪريٽري کي به طلب ڪري چڪي آهي.