پاڪستاني ۽ ايراني پرڏيهي کاتي جي وزيرن جو رابطو، تازي ڇڪتاڻ ۽ امن تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ خطي جي صورتحال، هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ امن جي پرچار لاءِ پاڪستاني ڪوششن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندرابي بيان ۾ ٻڌايو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان گذريل رات تفصيلي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي مجموعي صورتحال، هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ امن جي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪاوشن تي ڳالهايو.

ترجمان موجب اسحاق ڊار خطي ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ سفارتي ڪوشش سان آگاهه ڪيو جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.

ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مسئلن جو حل ڳالهه ٻولهه ۽ بهتر سفارتي ڪوششن ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ پاڻ ۾ احترام تي ٻڌل تعلق لاءِ ڪوششون جاري رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.