اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن کي ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن تي محفوظ فيصلو جاري ڪندي مرڪزي اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ 7 مئي جي تاريخ رکي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي اپيلون طئي ٿي ويون آهن ته سزا معطل ٿيڻ واريون درخواستون غير موثر آهن. ٻي پاسي بشريٰ بي بي تائين ذاتي ڊاڪٽر جي رسائي ۽ فيملي ملاقات متعلق درخواست تي سپريڊنٽ اڊيالا جيل کي ٻن ڏينهن ۾ بشريٰ بي بي جي ڌيءُ جي درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته سپريڊنٽ اڊيالا جيل ڪارڻ سان گڏ آرڊر پاس ڪندا، عدالت 6 مئي تي سپريڊينٽ اڊيالا جيل کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي جي وڪيل سلمان اڪرم راجا درخواست ڏيندڙ پاران اڊيالا جيل جي اختيارين کي درخواست جي ڪاپي به موڪلي آهي.
سلمان اڪرم راجا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنن ڪوريئر ذريعي ۽ پاڻ وڃي به درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن تي عدالت اسٽيٽ ڪائونسل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي کان پهريون درخواست جو فيصلو ڪري.
سلمان اڪرم راجا چيو ته 16 ۽ 17 اپريل جي وچ واري رات بشريٰ بي بي جي سرجري ٿي، جنهن تي جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته کين ڄاڻ آهي، سڀ سوشل ميڊيا تي موجود آهي، هو تڏهن جيل اختيارين کي سندن درخواست موڪلي رهيا آهن ته جيئن هو فيصلو ڪن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.