ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3800 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 79 هزار 962 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 257 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 11 هزار 490 رپيا ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 38 ڊالر گهٽجڻ سان 4576 ڊالر في اونس آهي.