ميرپورخاص (بيورو)سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ حاجي ڪريم بخش شر ۾ بااثر وڏيري نثار شر پاران ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيل مسمات نازيا شر زال اعظم شر جي ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل بااثر وڏيري نثار شر کي پوليس پاران گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪرڻ بعد هن وقت تائين جوابدار جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي، ٻي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه پاران واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم جي سب انسپيڪٽر غلام رسول هڱورو جي سربراهي ۾ ٽيم ڳوٺ حاجي ڪريم بخش شر پهتي ۽ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪندي مقامي قبرستان لائق پير پهچي ناري جي قبر ڏسي وارثن کان تفصيل ورتا پوليا، ذريعن موجب ڪارو ڪاري جي الزام ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ قبر ڪشائي ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ عدالت کي بورڊ جوڙڻ لاءِ ليٽر لکيو ويندو ان حوالي سان جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر غلام رسول هڱورو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نازيا قتل ڪيس ۾ نازيا جي امڙ، والد، مڙس ۽ ڀائرن جا بيان رڪارڊ ڪري قبر جي نشاندهي بعد قبر تي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي ۽ قبر ڪشائي لاءِ صبح جو ليٽر لکيو ويندو.