صدر زرداري جو گهيرو؟سوشل ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا

اسلام آباد( شڪيل ملڪ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري بابت خبرون سامهون اچي رهيون آهن ۽ هن وقت اهي دعوائون ڪيون پيون وڃن يا پروپيگنڊا هلي رهيو آهي ته آصف علي زرداري هاڻي گهيري ۾ اچي چڪو آهي، ۽ نه رڳو آصف علي زرداري پر سڄي پيپلزپارٽي کي به سخت دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوندو۔ڇا واقعي حالتون اهڙي مرحلي تي پهچي ويون آهن جو پيپلز پارٽي جون مشڪلاتون وڌڻ واريون آهن؟ ۽ آصف علي زرداري، جيڪو صدرِ مملڪت آهي  وٽس آئيني استثنا موجود آهي، ان هوندي به سندن خلاف ڪارروائي  ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ٿيڻي آهي ته ڇا ان کان اڳ زرداري کان استعيفيٰ ورتي ويندي يا وري ڪا آئيني ترميم آندي ويندي؟ گذريل تقريباً ٻن مهينن کان صدر زرداري خلاف تمام گهڻو پروپيگنڊا هلي رهيو آهي۔ مان ان کي پروپيگنڊا ان ڪري چوان ٿو، ڇاڪاڻ⁠ته جڏهن ايران،اسرائيل ۽ آمريڪا سان ڇڪتاڻ شروع ٿي، تڏهن سعودي عرب ۾ خليجي ملڪن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ٻين اسلامي ملڪن کي به دعوت ڏني وئي۔ان اجلاس ۾ هڪ گڏيل اعلاميو جاري ٿيڻ وارو هو، جنهن ۾ ايران جي مذمت شامل هئي، پاڪستان جي اعتراض کان پوءِ اعلاميي ۾ اسرائيل ۽ آمريڪي حملن جي مذمت به شامل ڪئي وئي۔چيو وڃي ٿو ته پاڪستان جي ان ڪردار تي  گڏيل عرب امارات کي اعتراض ٿيو، ۽ پوءِ معاملو اتان کان شروع ٿيو۔ ڪجهه ڏينهن بعد يو اي اي چيو ته پاڪستان اسان جو پراڻو قرض واپس ڪري، جيڪو لڳ ڀڳ ساڍا ٽي ارب ڊالر هو۔پاڪستان اهو قرض وياج  سميت واپس ڪيو، جيڪو لڳ ڀڳ پونا چار ارب ڊالر بڻيو۔ ان کان پوءِ خبرون اچڻ لڳيون ته آصف علي زرداري ان معاملي تي حڪومت سان “سيم پيج” تي ناهي ۽ سندس همدرديون يو اي اي سان آهن۔ ان جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته زرداري جا ويجها مائٽ دبئي ۾ رهن ٿا، سندن ڌيءَ جو گهر به اتي آهي ۽ هو پاڻ به اڪثر دبئي ويندا آهن۔پوءِملڪ رياض وارو معاملو به بحث هيٺ آيو۔ چيو ويو ته ملڪ رياض ۽ زرداري جا ويجها لاڳاپا آهن، بلڪه ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هو ڪاروباري ڀائيوار به آهن، خاص طور تي بحريا ٽائون ڪراچي منصوبي ۾۔سوشل ميڊيا تي اها ڳالهه ڪئي وئي ته زرداري صاحب جا “ستارا گردش ۾” آهن ۽ هو دٻاءُ هيٺ اچي چڪا آهن۔خاص طور تي ملڪ رياض خلاف “ريڊ وارنٽ” جاري ٿيڻ بعد چيو ويو ته زرداري چاهي ٿو ته ملڪ رياض سان ڪا ڊيل ٿي وڃي، ۽ هن ان لاءِ ڪوششون به ڪيون۔پر ذريعن موجب، ملڪ رياض کي دبئي ۾ اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو۔ ڪنهن به کيسهٿ ناهي لاتو۔ هو اڃا تائين اتي مڪمل نارمل زندگي گذاري رهيو آهي۔ملڪ رياض جي گرفتاري ڪو آسان معاملو ناهي، ڇاڪاڻ⁠ته هن دبئي ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي۔ اهو ممڪن نٿو لڳي ته دبئي حڪومت کيس گرفتار ڪري پاڪستان حوالي ڪري ڇڏي۔هاڻي جيڪو پروپيگنڊا هلي رهيو آهي ته ملڪ رياض کي گرفتار ڪري پوءِ سندن پارٽنرز خلاف ڪارروائي ٿيندي، ۽ آصف علي زرداري به “گهيري” ۾ اچي ويندو، ته اهو ايترو سولو ناهي۔زرداري صاحب وٽ صدرِ مملڪت طور آئيني استثنا موجود آهي۔ اڳي اهو استثنا صرف صدر ۽ گورنرن وٽ هوندو هو، هاڻي نون ترميمن کان پوءِ ڪجهه ٻين عهدن وٽ به آهي۔تنهن ڪري سڌي ريت زرداري خلاف ڪارروائي نٿي ٿي سگهي۔ جيڪڏهن ڪارروائي ڪرڻي آهي ته پهرين آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، ۽ اها ترميم پيپلز پارٽي جي حمايت کان سواءِ ممڪن ناهي۔

ملڪ رياض گرفتار ٿيو ته صدر زرداري به وڪڙ ۾ ايندو؟

لاهور(امداد سومرو)صدر آصف علي زرداري بابت هڪ ڀيرو ٻيهر مختلف قسم جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته زرداري کي به گهيري ۾ آندو ويندو،صدر زرداري صاحب هميشه تڪرارن ۾ گهيريل رهيو آهي، هن وقت ٻيهر چيو پيو وڃي ته جڏهن ملڪ رياض صاحب جي ريڊ وارنٽ ۽ نيب ڪارروائي جي ڳالهه هلي رهي آهي ته زرداري به ان جي اثر ۾ اچي سگهن ٿو،ڪجهه وقت اڳ ايران-آمريڪا جنگ دوران گڏيل عرب امارات  جي ڊپازٽ واري معاملي کان پوءِ به آصف علي زرداري خلاف افواهه هليا ته هو گڏيل  عرب امارات سان لاڳاپيل آهي، پر اها به رڳو پروپيگنڊا هئي۔اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ملڪ رياض کي پاڪستان واپس آندو ويو ته ڪجهه ٻين وڏن ماڻهن جا نالا به اچي سگهن ٿا، ۽صدر  زرداري  جو نالو به ان فهرست ۾ اچي سگهي ٿو۔صدر زرداري جو ملڪ رياض سان لاڳاپو پراڻو ٻڌايو وڃي ٿو، خاص طور تي بحريه ٽائون ۽ ٻين ريئل اسٽيٽ معاملن ۾۔ ڪجهه رپورٽون چون ٿيون ته گڏجاڻيون ۽ ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن، پر صدر زرداري جو موقف آهي ته سڀ معاملا قانوني آهن۔بهرحال صدر زرداري کي هن وقت آئيني تحفظ حاصل آهي، ۽ صدر هجڻ سبب انهن خلاف سڌي ڪارروائي آسان ناهي، جيستائين آئين ۾ تبديلي نه ڪئي وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.