ملڪ ۾ اٽي جون قيمتون وڌي ويون، 20 ڪلو ٿيلهي جي اگهه ۾ 200 رپين تائين واڌ

اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ صرف هڪ هفتي دوران 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي ۾ 200 رپين تائين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، وفاقي شماريات  واري اداري جي دستاويز موجب حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 200 رپيا مهانگو ٿيو، جڏهن ته سرگوڌا ۾ 190 رپيا ۽ سکر ۾ 160 رپيا اضافو ڏٺو ويو، دستاويز موجب ملتان ۾ 133 رپيا 33 پئسا، ڪراچي ۽ خضدار ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 100 رپين تائين واڌ ٿي، اهڙي طرح ڪوئٽه ۾ 90 رپيا، اسلام آباد ۾ 67 رپيا، گجرانوالا ۾ 66 رپيا ۽ راولپنڊي ۾ 40 رپيا اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، رپورٽ موجب ملڪ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي سڀ کان وڌيڪ قيمت ڪراچي ۾ 2 هزار 500 رپيا تائين پهچي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ سڀ کان گهٽ قيمت 1 هزار 810 رپيا آهي، دستاويز موجب ڪوئٽا ۾ 2 هزار 450 رپيا، حيدرآباد ۾ 2 هزار 440 رپيا، اسلام آباد ۾ 2 هزار 373 رپيا، پشاور ۾ 2 هزار 350 رپيا، بنون ۽ خضدار ۾ 2 هزار 300 رپيا تائين قيمت رڪارڊ ڪئي وئي آهي، راولپنڊي ۾ 2 هزار 347 رپيا، فيصل آباد ۾ 2 هزار 250 رپيا، جڏهن ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2 هزار 200 رپيا تائين قيمت پهچي وئي، اهڙي طرح گجرانوالا، ملتان ۽ سيالڪوٽ ۾ 2 هزار 133 رپيا، بهاولپور ۾ 2 هزار 67 رپيا ۽ سرگوڌا ۾ 2 هزار رپين تائين 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.