ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائين بي آر ٽي جو دورو ڪيو۔ ان موقعي تي ساڻس گڏ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا، ڪنسلٽنٽس ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا۔ دوري دوران سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي منصوبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي يا ڪنهن جي ذاتي خواهش تي فيصلا ناهن ٿيندا، اسان سڀني قانونن جي مڪمل پاسداري ڪئي آهي ۽ حڪومت طرفان نه ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ۽ نه ئي ڪا بدنِيتي هئي۔ هن چيو ته شهر جا مسئلا الڳ نوعيت جا هوندا آهن، ٿرپارڪر ۾ گهٽ وقت ۾ سٺي روڊ ٺهي سگهي ٿي، پر يونيورسٽي روڊ شهر جو مرڪز آهي جتي يوٽيلٽيز وڏو مسئلو رھيا ۔هن وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي گيس سميت مختلف ادارن جا مسئلا سامهون هئا، جنهن کان پوءِ حڪومت سنڌ ٺيڪو ختم ڪرڻ جو سخت فيصلو ڪيو ۽ ايف ڊبليو او کي ٺيڪيدو ڏنو ويو۔ اسان جي ڪوشش آهي ته جولاءِ جي آخر تائين ڪنهن حد تائين ٽرئفڪ بحال ڪئي وڃي، عوام کان گذارش آهي ته اسان هن منصوبي کي بهتر نموني سان اڳتي وڌائي رهيا آهيون۔سينيئر وزير چيو ته اهو تمام آسان هو ته روڊ تعمير ڪرڻ کان سواءِ رڳو آنديون وڃن، پر خالي بسن سان ڪم نٿو هلي، روڊن جي تعمير به ضروري آهي، ڇو ته بي آر ٽي ايندڙ نسلن جو منصوبو آهي۔ هن چيو ته ييلو لائين بي آر ٽي تي به ڪم جاري آهي، وڏي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکيا مرحلا پار ڪرڻا پوندا آهن، ڪجهه سياسي جماعتون هن منصوبي تي سياست ڪري رهيون آهن، پر اسان جو ڪم هر صورت ۾ هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ آهي۔هن چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي انتهائي اهميت وارو منصوبو آهي، اڄ سنڌ جي وڏي وزير پڻ ان جو دورو ڪيو آهي، ۽ مان پڻ ايئرپورٽ کان سڌو هن منصوبي تي آيو آهيان ته جيئن ڪم جو پاڻ جائزو وٺي سگهان۔هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدرِ مملڪت آصف علي زرداري جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، جنهن ۾ معاشي خوشحالي ۽ گڏيل سھڪار جي واڌاري بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون۔ ڪجهه ماڻهو پنهنجي خواهشن ۽ مخصوص ايجنڊا تحت خبرون ٺاهين ٿا، اها صحافت جي آزادي ناهي، پر حقيقتن کي مسخ ڪرڻ آهي۔ صدر جو دورو ڪامياب رهيو ۽ ان بابت سڀ قياس آرائيون ختم ٿي چڪيون آهن۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو مقصد ڪنهن به ٺيڪيدار سان زيادتي ڪرڻ نه هو، سڀ فيصلا قانون ۽ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکي ڪيا ويا۔ اميد آهي ته عدالتون انصاف جا سڀ تقاضا پورا ڪندي ميرٽ تي فيصلو ڪنديون۔ اسان سڀ قانوني ۽ اخلاقي گهرجون پوريون ڪيون آهن، عدالت جو فيصلو قبول هوندو، پر عدالتي حڪم سبب ترقياتي ڪم نه روڪيا ويندا۔ ضرورت پئي ته توهينِ عدالت جي ڪيس کي به منهن ڏينداسين، پر عوامي مفاد جا منصوبا هرگز نه روڪيا ويندا۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڻي جي لائين سبب ڪجهه مسئلا پيش اچي رهيا آهن، واٽر بورڊ کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته فوري طور تي مسئلو حل ڪيو وڃي۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن يمڻ چيو ته شاهد خاقان عباسي سنڌ حڪومت جي روڊن بابت ڳالهايو، جڏهن ته صوبي ۾ ٺهيل سڀ وڏا روڊ اعليٰ معيار جا آهن، ۽ جيڪي روڊ شهرن کي پاڻ ۾ ملائين ٿيون اهي به بهترين نموني سان تعمير ڪيون ويون آهن۔ شاهد خاقان عباسي يا ڪنهن به سياسي جماعت جو نمائندو ويهي، مان کين سڀني منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان۔هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر هر شيءِ تي پون ٿا، جنهن سبب پاڪستان ۾ جاري سڀني منصوبن جي لاڳت به وڌي رهي آهي۔ ڪراچي شهر ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي هڪ ئي وقت ڪم جاري آهي، اسان جو مقصد ڪراچي جي عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي۔هن چيو ته شاهراهه ڀٽو ڪراچي لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي، اسان شاهد خاقان عباسي کي به ان جو دورو ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون ته جيئن هو پاڻ ترقياتي ڪم جو جائزو وٺي سگهي۔ ڪراچي ۾ آبادي وڌيڪ هجڻ سبب چئلينجز به وڌيڪ آهن، مسئلا پنهنجي جاءِ تي موجود آهن، پر ان جي باوجود شهر ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن۔