ٽياڪڙ پاڪستان ئي آهي، ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو دارومدار آمريڪا تي آهي: ايراني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته ايران پاڪستان ذريعي ڳالهين جو نئون منصوبو آمريڪا تائين پهچائي ڇڏيو آهي، ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو دارومدار آمريڪي رويي تي آهي.
ايراني خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي رضا اميري مقدم چيو ته ايران پنهنجي موقف ۽ مطالبن ۾ شفاف آهي، جيڪڏهن آمريڪا سنجيده آهي ته ان کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو، ايران پنهنجي قومي مفادن ۽ دفاع تي ڪا سوديبازي نه ڪندو.
هن چيو ته موجوده عمل ۾ پاڪستان مک ٽياڪڙ آهي ۽ ان جون ڪوششون قدر جوڳيون آهن، پاڪستان ئي ٽياڪڙ آهي، ان ۾ تبديلي جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.
سندس چوڻ هو ته عالمي برادري ايران جو واضح ۽ منطقي موقف ڏسي رهي آهي، آمريڪا جو رويو غير مستحڪم آهي، ايران سفارتڪاري جي رستي تي قائم آهي پر اڳڀرائي جو دارومدار آمريڪا تي آهي، آمريڪا کي جارحاڻو رويو ختم ڪري ايران جي حقن جو احترام ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.