” ڳجهين ڪيمرائن ذريعي وڊيوز ٺاهيون ويون“ مشهور ڀارتي گلوڪارا جو ميوزڪ ڪمپوزر تي جنسي هراساني جو الزام

چنائي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي تامل ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور گلوڪارا سواگتا ايس ڪرشنن ناليواري ميوزڪ ڪمپوزر تي جنسي هراساني، بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين جهڙا انتهائي سنگين الزام مڙهي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، 35 ورهين جي گلوڪارا هڪ پوڊ ڪاسٽ ۽ يوٽيوب انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته هوءَ چنائي ڇڏي رشي ڪيش منتقل ٿيڻ تي ان ڪري مجبور ٿي ڇو ته فلم انڊسٽري ۾ هڪ بااثر ميوزڪ ڊائريڪٽر جي مبينا هراساني سندس زندگي کي سخت متاثر ڪيو.
سواگتا موجب، ڄاڻايل ڪمپوزر پاڻ کي هڪ سرپرست ۽ ليڊر طور پيش ڪيو، اعتماد حاصل ڪيو، جذباتي لاڳاپا قائم ڪيا ۽ پوءِ ان ئي تعلق جو غلط استعمال ڪيو.
هن الزام لڳايو ته اهو واقعو ڪمپوزر جي سائونڊ پروف اسٽوڊيو ۾ پيش آيو، جتي هوءَ پاڻ کي محفوظ سمجهي رهي هئي، پر اتي مبينا طور تي ڳجهين ڪيمرائن ذريعي وڊيوز ٺاهيون ويون، جن کي بعد ۾ بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين لاءِ استعمال ڪيو ويو.
گلوڪارا دعويٰ ڪئي ته اهو همراهه رڳو ايستائين محدود نه هو پر ٻين عورتن سان به اهڙي ئي عمل ۾ ملوث رهيو، جڏهن ته ڪجهه ٻارن جون ڳجهيون وڊيوز ٺاهڻ جهڙيون انتهائي سنگين دعوائون پڻ سامهون آيون آهن.
سواگتا ڪرشنن موجب، ان ڪمپوزر مالي دٻاءُ، قرض ۽ نفسياتي ڪنٽرول ذريعي متاثر عورتن کي پنهنجي گرفت ۾ رکيو.
هن وڌيڪ چيو ته واقعي کانپوءِ کيس بدنام ڪرڻ، ڪوڙا الزام لڳائڻ ۽ سندس ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪري هوءَ شديد ذهني دٻاءُ، اڪيلائي ۽ علاج جي مرحلي مان گذري.
گلوڪارا ان کان اڳ به 2022 ۽ 2023 ۾ سوشل ميڊيا تي پنهنجا تجربا شيئر ڪري چڪي آهي، پر هاڻي هن واضح ڪيو آهي ته هوءَ قانوني ڪارروائي جو سنجيدگي سان ارادو رکي ٿي ته جيئن ٻين عورتن کي اهڙين حالتن کان بچائي سگهجي. جيتوڻيڪ هن اڃا تائين مبينا ڪمپوزر جو نالو ظاهر ناهي ڪيو، پر سندس الزامن تامل انڊسٽري ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.