”پنج وقت نماز پڙهندي آهيان، ڪنهن به غير مسلم سان زندگي نٿي گهاري سگهان“

ممبئي (ويب ڊيس) ڀارتي اداڪار ريم شيخ چيو آهي ته هوءَ ڪنهن به غير مسلم سان زندگي نٿي گهاري سگهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اداڪار هڪ انٽرويوءَ ۾ مختلف مذهبن جي وچ ۾ لاڳاپن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ڪجهه انڪشاف به ڪيا.
ريم شيخ کان ميزبان سوال ڪيو ته جيڪڏهن توهان کي ڪنهن ٻئي مذهب سان تعلق رکندڙ شخص سان محبت ٿي وئي ته ڇا معاملا بگڙي ويندا؟
اداڪار ان سوال جو واضح جواب ڏيندي چيو ته” مان ائين ڪري ئي نه سگهنديس، ڇاڪاڻ ته مان هڪ مذهبي شخصيت آهيان.“
هن چيو ته ”مان پنج وقت نماز پڙهان ٿي ۽ هاڻي روزا رکڻ به شروع ڪيا آهن، ان ڪري مونکي نٿو لڳي ته مان ڪنهن ٻئي مذهب جي ماڻهوءَ سان شادي ڪري سگهنديس.“
محبت بابت ڳالهائيندي ريم شيخ چيو ته وٽس محبت تي يقين نه ڪرڻ جا ڪيئي ڪارڻ آهن، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي گهر ۾ طلاق ڏٺي آهي ۽ پنهنجي آس پاس رشتن کي ٽٽندي ڏٺو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته خدا سان جڙڻ لاءِ به توهان کي محبت جي ضرورت آهي، جيڪڏهن محبت ناهي ته توهان خدا يا پنهنجي ڀرپاسي موجود ماڻهن سان رشتو نٿا ڳنڍي سگهو.
واضح رهي ته اداڪار جو تعلق اهڙي ڪٽنب سان آهي جتي سندس ماءُ هندو ۽ پيءُ مسلمان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.