في ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪيترو ٽيڪس لاڳو آهي؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل رات تيل اگهن ۾ تبديلي کانپوءِ هڪ ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي لاڳو ٽيڪسن جا تفصيل سامهون اچي ويا.
توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 32 سيڪڙو ٽيڪس آهن، هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 129 رپيا 72 پيسا جا ٽيڪس شامل آهن، جڏهن ته في ليٽر پيٽرول ۾ 23 رپيا 72 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي به شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 103 رپيا 50 پيسا ليوي شامل آهي، هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 50 پيسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي به شامل آهي.
ذريعن موجب هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 21 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهن، في ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 82 رپيا 81 پيسا ٽيڪسن جا آهن، جڏهن ته 51 رپيا 62 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته في ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 28 رپيا 69 پيسا ليوي شامل آهي، جڏهن ته 2 رپيا 50 پيسا جي ڪلائميٽ سپورٽ ليوي به لاڳو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.