سريلنڪا جا 2 ڪرڪيٽر هوٽل جي باٿ روم ۾ عورت جي ويڊيو ٺاهڻ تي گرفتار

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا انڊر 19 جي ٻن ڪرڪيٽرن کي مبينا طور تي هوٽل جي باٿروم جي وڊيو ٺاهڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ٻن سري لنڪن انڊر 19 ڪرڪيٽرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي ڪرڪيٽرن تي مبينا طور تي هوٽل جي باٿروم جي وڊيو ٺاهڻ جو الزام آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻيو ويو آهي ته ڪرڪيٽر ٽيم سان گڏ ڪولمبو جي هوٽل ۾ ترسيل هئا،ٻنهي کي هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ گرفتار ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، هوٽل ۾ هڪ عورت ڪرڪيٽرن تي الزام لڳايو ته سندس باٿروم ۾ موبائل فون ذريعي وڊيو ٺاهي وئي، پوليس جاچ ڪري رهي آهي ته وڊيوز کي ڪٿي سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ته ناهي ڪيو ويو.
ٻنهي ڪرڪيٽرن کي 5 لک سري لنڪن رپين جي عيوض ذاتي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، ڪرڪيٽرن کي ٻيهر 25 مئي تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته سري لنڪا ڪرڪيٽ اڃا تائين ڪو به ڊسپلنري ايڪشن ناهي ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.