سڊني(ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ پنهنجي چاهيندڙن کي چمڙيءَ جي ڪينسر (اسڪن ڪينسر) بابت آگاهي فراهم ڪئي آهي.
مائيڪل ڪلارڪ چمڙي جي ڪينسر ۾ مبتلا آهي، جنهن حوالي سان هن سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام جاري ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾اڳوڻي ڪپتان لکيو ته اڄ چمڙي جي ڪينسر بابت آگاهي جو مهينو شروع ٿي ويو آهي، چمڙي جي ڪينسر جو معائنو ڪرائڻ جو ان کان بهتر ٻيو ڪو وقت نه هوندو.
هن وڌيڪ لکيو ته”ڪجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي چهري تان هڪ ٻيو اسڪن ڪينسر ختم ڪرايو آهي، اهو سٺو ناهي لڳندو پر مسلسل معائو ضروري آهي ته جيئن دير نه ٿي وڃي.
واضح رهي ته اڳوڻو ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ڊگهي عرصي کان چمڙيءَ جي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهي.