نوڪري لاءِ ڀڄڻو نه پوندو، نوڪري توهان کي پاڻ ڳوليندي: وڏو وزير

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نوڪري لاءِ ڀڄڻو نه پوندو، نوڪري توهان کي پاڻ ڳوليندي، سنڌ کي   ماڊل بڻائڻ چاهيون ٿا، هاڻ نوجوان روزگار لاءِ در در نه ڀٽڪندا، انجنيئر جو سمورو ڪم هاڻ اي آءِ ڪري رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام (ڪي ڊي ايس پي) جي حيدرآباد چيپٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو ھي منصوبو صوبائي حڪومت جي محڪمي برائي بااختياري معذور افراد (ڊي اي پي ڊي) جي تعاون سان شروع ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان ننڍو هيس والدين چيو ته يا ڊاڪٽر ٿي يا انجنيئر ٿي، جيڪڏهن مان اڄ پيدا ٿيان ها ته انجنيئر بڻجڻ جا خواب ڏسان ها ته مون کي نوڪري نه ملي ها، اهو ان ڪري نه ملي ها ته انجنيئر جو هاڻ سمورو ڪم اها اي آءِ اچي وئي آهي، اها ڪري ٿي پر هي ڪم هيومن انٽرريڪشن آهي اهو ڪم اي آءِ نٿي ڪري سگهي، هي جيڪڏهن اڳتي اوهان کي نوڪريون کپن ته هن علائقي ۾ اسپيشلائيز ڪريو، فزيو ٿراپي ۽ ٻين شعبن ۾ اچڻ گهرجي، هن چيو ته صوبائي حڪومت جي پاليسي آهي ته معاشري جي تمام طبقن کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شموليت ۽ رسائي بنيادي ترجيحات آهن، حيدرآباد مرڪز ۾ هينئر تائين 65 ٻارن جو اندراج ٿي چڪو آهي، حڪومتي ادارن ۽ ڪي ڊي ايس پي جهڙين تنظيم جي وچ ۾ سهڪار هڪ جامع ۽ منصفانه معاشري جي قيام لاءِ اڻٽر آهي، حيدرآباد چيپٽر۾ هينئر تائين 120 کان وڌيڪ خاندانن جا نالا داخل ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.