اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت مهانگائي سٽيل عوام مٿان وري پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽروليم شين جون نيون قيمتون جاري ڪيون ويون، پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪيو ويو، حڪومت طرفان ڊيزل ۾ 19 رپيا 39 پئسا واڌ ڪئي وئي، پيٽرول في ليٽر 6 رپيا 51 پئسا وڌايو ويو، نيون قيمتون رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿي ويون، عوام جون دانهون نڪري ويون، پيٽروليم شين جون نيون قيمتون جاري ڪيون ويون، جنهن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 6 رپيا 51 پئسا واڌ ڪئي وئي، جاري نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 39 پئسا واڌ کان پوءِ ان جي نئين قيمت 399 رپيا 58 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي، پيٽرول جي نئين قيمت 399 رپيا 86 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته نيون قيمتون لاڳو ٿي ويون، ٻئي طرف اوگرا ترجمان چيو ته سوشل ميڊيا تي پيٽروليم ڊيلرن جي هڙتال بابت غلط خبرون هلي ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ڪنهن به پيٽروليم ايسوسيئيشن هڙتال جو اعلان ناهي ڪيو، ٻئي پاسي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جي اعلان کان اڳ ڪراچي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ پيٽرول پمپن تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، قيمتون وڌڻ جي خدشي سبب خريداري ۾ تيزي اچي وئي هئي، شهرين جو چوڻ هو ته نيون قيمتون لاڳو ٿيڻ کان اڳ هو وڌ کان وڌ پيٽرول خريد ڪري رهيا آهن ته جيئن پراڻي قيمت جو فائدو وٺي سگهجي، سوشل ميڊيا تي هلندڙ هڪ وڊيو ۾ شهري پيٽرول پمپ تي وڊيو رڪارڊ ڪندي چيو ته هي ظلم ڏسو پيٽرول جون قيمتون وڌڻ کان اڳ ئي پيٽرول 420 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ شهرين جون رڙيون نڪري ويون، حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته آبناءِ هرمز جو معاملو فوري حل نه ٿيو ته 9 مئي تي پيٽرول جا اگهه وڌيڪ وڌندا.