ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ موٽرسائيڪل سوارن ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ فيول سبسڊي جي مدي ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف موجوده معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي موٽر سائيڪل سوارن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ لاءِ ڏنل سبسڊي ۾ وڌيڪ هڪ مهيني واڌ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب حڪومت گذريل مهيني ڏنل سبسڊي کي جاري رکندي ڪمزور طبقي کي وڌيڪ رليف فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، جيئن وڌندڙ مهانگائي جي اثرن کي گهٽائي سگهجي، شهباز شريف چيو ته وفاقي حڪومت صوبي حڪومتن جي سهڪار سان مشڪل حالتن ۾ عوام لاءِ اربين رپين جو قومي رليف پيڪيج مهيا ڪيو آهي ۽ ممڪن حد تائين ماڻهن کي رليف ڏيڻ جاري رکيو ويندو، عام ماڻهو کي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به حالت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، اميد آهي ته خطي جي صورتحال جلد بهتر ٿيندي جنهن سان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ استحڪام ايندو، ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پڻ موٽر سائيڪل مالڪن لاءِ ٽارگيٽڊ فيول سبسڊي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن طبقي لاءِ اهو هڪ اهم قدم آهي، جنهن سان عوام کي وڌيڪ فائدو ملندو، موٽر سائيڪل فيول سبسڊي جو مدو ختم ٿي رهيو هو پر حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته اها سبسڊي جاري رکي ويندي.