اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گيس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن کانپوءِ سموري ملڪ ۾ گيس جي نون ڪنيڪشنز تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب، آر ايل اين جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ سبب گيس جي گهريلو توڙي ڪمرشل ڪنيڪشنز تي پابندي مڙهي وئي آهي.
حڪومت ڪيئي سالن جي پابندي کانپوءِ ڪجهه مهينا اڳ نون ڪنيڪشنز جي اجازت ڏني هئي.
سوئي ناردرن جي جنرل مئنيجر موجب، نون گيس ڪنيڪشنز تي پابندي جو فيصلو آر ايل اين جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ سبب ڪيو ويو آهي.