ڪراچي(رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي موجود آهي، پر اهو رڳو ٽينڪر ذريعي ملي ٿو، جڏهن ته پاڻي جو خرچ هاڻي کاڌي ۽ اسڪول جي خرچ برابر ٿي ويو آهي۔ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ناهي، پر فراهمي جي کوٽ آهي۔ڪراچي ۾ پاڻي، روڊن ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام جون خرابيون وڌي ويون آهن۔ جيڪڏهن ڪراچي ترقي ڪندو ته پوءِ ئي پاڪستان به ترقي ڪندو،هيترا سال ٿي ويا آهن سنڌ حڪومت کان هڪ يونيورسٽي مڪمل نٿو ٿئي،مفتاح اسماعيل چيو ته هن سال به سنڌ حڪومت جو بجيٽ 3600 ارب رپيا آهي، يعني روزانو لڳ ڀڳ 10 ارب رپيا خرچ ٿين ٿا، جڏهن ته پنجاب جو بجيٽ 5540 ارب رپيا آهي، حالانڪه پنجاب جي آبادي سنڌ کان ٻيڻي کان به وڌيڪ آهي۔ جڏهن سنڌ حڪومت چوي ٿي ته اسان کي پئسا نٿا ملن ته اها حقيقتن جي ابتڙ ڳالهه آهي۔هن چيو ته وفاق پنهنجا 62 سيڪڙو وسيلا صوبن کي آبادي جي تناسب سان ڏئي ٿو، تنهنڪري سنڌ کي به پنهنجو حصو ملي ٿو۔ ان کانسواءِ گيس ۽ تيل جي رائلٽي به ملي ٿي۔ جڏهن شاهد خاقان عباسي وزيراعظم هو، تڏهن گرين لائن منصوبي لاءِ به وفاق پئسا ڏنا هئا، ڪي فور منصوبي لاءِ به اڌ پئسا وفاق ڏنا هئا ۽ اڌ سنڌ حڪومت ڏنا هئا۔ مفتاح اسماعيل چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته وفاق کين پئسا ڏئي، پر سڀني کي خبر آهي ته اهي پئسا ڪٿي وڃن ٿا، ڇو ته اهي ڪراچي تي خرچ نٿا ٿين۔ هن چيو ته ڇا حڪومت کي اهو احساس ناهي ته هڪ روڊ نه ٺهڻ سبب اربين رپين جو ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي؟ حڪمران ٻڌائين ته هو عوام جي مسئلن جي حل طرف ڌيان ڇو نٿا ڏين؟ آخر ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟هن چيو ته جيڪڏهن اسان سنڌ جي اسڪولن، تعليم ۽ صحت جي نظام بابت ڳالهه ڪريون ته ڇا اهي بهتر ٿيا آهن؟ حڪمران صرف ڪجهه منصوبا ڏيکاري چون ٿا ته ڏسو اسان ڇا ڪيو، پر سنڌ جي 95 سيڪڙو آبادي جا حال بهتر ناهن ٿيا۔