دوست ملڪ پنهنجو پئسو ڇڪين ته ملڪ ڊيفالٽ ڪندو:محمد زبير

اسلام آباد(بيورو)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن ساڍا 3 ارب ڊالر واپس گهريا ته ڏڪڻي شروع ٿي وئي هئي، جيڪڏهن دوست ملڪ پنهنجا پيسا واپس گهرن ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي سگهي ٿو۔اسلام آباد ۾ سلمان اڪرم راجا  ۽ اسد قيصر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد زبير چيو ته معيشت کي اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ آخري سهارو هاڻي پرڏيهي دوست ملڪ ئي بچيا آهن، پاڪستان وٽ موجود ڪل ناڻي جا ذخيرا 16 ارب ڊالر آهن، جن مان ساڍا 12 ارب ڊالر دوست ملڪن جا آهن۔هن چيو ته معيشت جي ڪاميابي جو اندازو جي ڊي پي سان لڳايو ويندو آهي، گذريل چئن سالن دوران ملڪ جي جي ڊي پي بدترين رهي آهي، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري 1974ع کان پوءِ سڀ کان گهٽ سطح تي پهچي وئي آهي۔ اسان جا وزير هر ڀيري چون ٿا ته بهتري آڻينداسين، پر پاڪستان ۾ گذريل چئن سالن دوران گذريل پنجاهه سالن جي بدترين سيڙپڪاري ٿي آهي۔ اسان 10 نقطن تي ٻڌل معاشي وائيٽ پيپر تيار ڪيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته هڪ ئي خطي اندر پاڪستان جو ٻين ملڪن سان به ڀيٽيو ويو آهي، جيڪڏهن خطي جي ٻين ملڪن ۾ مهانگائي گهٽ آهي ته پوءِ پاڪستان ۾ وڌيڪ ڇو آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.