سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي:پورهيت اڳواڻ

ڪراچي(رپورٽر )نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان جي اڳواڻ ناصر منصور، پاڪستان ورڪرز فيڊريشن امان الله ڏاهري،زهرا خان (هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن)مختيار اعواڻ (پاڪستان   ونائيٽيڊ ورڪرز فيڊريشن ، حيدر عباس (پائلر)، نزھت شيرين (وومين ايڪشن فورم)،طاهر خان (ڪراچي يونين آف جرنلسٽس) بخت زمين (هيليڪس فارما ايمپلائيز يونين)، لياقت علي ساهي(ڊيموڪريٽڪ ورڪرز يونين) خضر قاضي (هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان) محبوب ملڪ، سعيد بلوچ (پاڪستان فشر فوڪ فورم)عظيم خان (پاڪستان پيپر ملز ايمپلائيز يونين)رياض عباسي (سائيٽ ليبر فورم) ۽ ٻين ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ کي غيرفعال ڪرڻ لاءِ ڪجھ مفاد پرست عنصر بار بار ڪوششون ڪري رھيا آھن ته  نئين بورڊ کي ختم ڪرائجي. ان سلسلي ۾ ھنن بورڊ جي خلاف چئن کان وڌيڪ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن۔ تازي قدم طور ھنن هڪ مهانگو ۽ مشهور وڪيل مقرر ڪيو ويو آھي، ۽ عدالت کان مزدور نمائندن کي ٻڌڻ کان سواءِ نئين بورڊ خلاف اسٽي آڊر به حاصل ڪيو ويو آھي. اسان معزز عدالت کي ادب سان درخواست ٿا ڪريون ته اها ان اسٽي آرڊرکي  ختم ڪري ۽ اهڙو حتمي فيصلو ڏنو وڃي جيڪو سنڌ جي لکين مزدورن جي مفادن پٽاندڙ ھجي۔هنن وڌيڪ چيو ته بار بار ھاڻوڪي بورڊ خلاف درخواستون ڏنيون پيون وڃن ۽ هن بورڊ کي مفلوج ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جنهن کي 4 فيبروري  2026 تي سنڌ ڪابينا جي منظوري بعد نوٽيفائي ڪيو  هو۔انھن سڀني ڪوششن جو اصل سبب ھي آهي ته ورڪرز ويلفيئر جي نئين قائم ٿيل بورڊ صوبائي وزيرِ محنت ۽ انساني وسيلا سعيد غني جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ مزدورن ۽ مالڪن جي نمائندن به شرڪت ڪئي اڳوڻي  انتظاميا پاران 25 ارب رپين کان وڌيڪ جي مبينا ڪرپشن ڪرڻ جي جاچ ۽ وصولي جو فيصلو ڪيو۔اڳواڻن چيو ته وڏيون مالي بي ضابطگيون اربين رپين جا مرمتي ٺيڪامزدور ڪالونين، اسڪولن ۽ مزدورن جي ٻين ملڪيتن جي مرمت جي نالي تي اربين رپيا جاري ڪيا ويا، پر اندروني جاچ مطابق اهي ٺيڪا جعلي ٽينڊرن، قاعدن جي ڀڃڪڙين ۽ سر زمين تي ڪم نه ٿيڻ جا شڪار آهن۔ هنن چيو ته 10 هزار اي بائيڪس جي خريداري لاءِ مشڪوڪ ڪمپنين کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ جاري ڪيا ويا، رقم اڳواٽ ادا ڪئي وئي، پر اڃا تائين خريداري ناهي ٿي، جڏهن ته  70 ڪروڙ رپيا به مبينا طور مشڪوڪ ٺيڪيدارن کي سلائي مشينن جي فراهمي لاءِ ڏنا ويا ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ڪلفٽن جهڙي مهانگي علائقي ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي آفيس خريد ڪئي آھي، جڏهن ته اڳ ۾ ئي شاهراهِ فيصل تي ھن اداري جي ھڪ آفيس موجود هئي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.