ڪنهن به عورت کي اهڙو ليبل ڏيڻ قبول ناهي: پريٽي زنٽا جو پاڻ کي ٽرافي چوڻ تي سخت ردعمل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پريٽي زنٽا سوشل ميڊيا تي پاڻ کي ٽرافي چوڻ تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به عورت کي اهڙو ليبل ڏيڻ قبول ناهي.
پريٽي زنٽا پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جاري چيٽ سيشن دوران هڪ واهپيدار جي تبصري تي جواب ڏيندي چيو ته ڪا به عورت ٽرافي ناهي هوندي، ٽرافيون شيشي جي شو ڪيس ۾ رکيون وينديون آهن، جڏهن ته عورت جو مقام توهان جي زندگي ۽ دل ۾ هوندو آهي.
واضح رهي ته هڪ واهپيدار چيو هو ته پريٽي ان ڪري ٽرافي ناهي کٽي سگهي، ڇو ته هوءَ پاڻ ٽرافي آهي.
پريٽي زنٽا انڊين پريميئر ليگ جي فرنچائز پنجاب ڪنگز جي مالڪياڻي آهي ۽ سندس ٽيم هيل تائين ٽرافي ناهي کٽي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.