اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ-افغان سرحد تي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي بنا سبب چڙ ڏياريندڙ اڳرائيءَ تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جون چوڪيون ۽ گاڏيون تباهه ڪري ڇڏيون.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي ڪارروائين افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج کي پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جو دفاع وطن لاءِ مضبوط عزم ملڪ جي سالميت کي يقيني بڻائي رهيو آهي، پاڪ فوج جو آپريشن غضب للحق سمورن مقرر هدفن جي حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندو.
آپريشن غضب للحق: پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جون چوڪيون ۽ گاڏيون تباهه ڪري ڇڏيون
You might also like