موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر)موسميات کاتي سڄي سنڌ ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ گرمي جي لهر جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.موسميات کاتي موجب، ڪالهه سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم، انتهائي گرم ۽ خشڪ رهيو.موسميات کاتي چيو آهي ته 3 مئي تائين سنڌ جي مرڪزي ۽ مٿانهين  علائقن ۾ گرمي جي لهر جو امڪان آهي. ڄامشورو، دادو، شهيد بينظير آباد ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 درجا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.ان کان علاوه، گهوٽڪي ۽ سانگهڙ ۾ گرمي پد پڻ معمول کان 4 کان 6 درجا وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خيرپور، نوشهرو فيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ به گرمي جي لهر ايندي.موسميات کاتي احتياطي تدبيرون ڏيندي چيو آهي ته گرمي جي لهر جي ڪري عوام، خاص طور تي ٻار، عورتون ۽ بزرگ احتياط ڪن. شهري ڏينهن ۾ سڌي سج جي روشني کان پاسو ڪن ۽ جيترو ٿي سگهي پاڻي استعمال ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.