ملڪ سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هزارين رپين جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 8900 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 85 هزار 62 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 7 هزار 630 رپيا لاٿ بعد 4 لک 15 هزار 862 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 89 ڊالرز گهٽتائي بعد 4627 ڊالرز تي پهچي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.