پي ٽي اي ٽربيونل ۾ 18 مئي تائين فنانس ميمبر مقرر نه ٿيو ته وزيراعظم پيش ٿئي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي ٽربيونل جي فنانس ميمبر جي عدم مقرري جي ڪيس ۾ وزيراعظم کي حڪم ڏنو آهي ته 18 مئي تائين ميمبر جي مقرري نه ٿي ته وزيراعظم کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن 18 مئي تائين پي ٽي اي ٽربيونل ميمبر جي مقرري نه ٿي ته وزيراعظم ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي، وزيراعظم اچي ٻڌائي ته ٽربيونل ميمبر جي مقرري ڇو ناهي ٿي؟
اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته هڪ رٽائرڊ جج ٽربيونل جو ميمبر مقرر ٿيو آهي، جنهن تي محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته رٽائرڊ ججن گهڻو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، رٽائرڊ ججن کي ٽربيونلز ۾ وڃڻ جو گهڻو شوق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.