سانيا (ويب ڊيسڪ) چين ۾ جاري ايشين بيچ گيمز ۾ پاڪستاني ريسلر انعام بٽ ڀارتي پهلوان کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.
پاڪستاني ريسلر انعام بٽ 90 ڪلو گرام ڪيٽيگري جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، هن ڀارتي پهلوان کي 2-3 تان شڪست ڏني.
انعام بٽ مسلسل ٽِين فائٽ کٽي ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، جڏهن ته 80 ڪلو گرام ڪيٽيگري ۾ اسد الله به ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.