اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ – افغان سرحد تي افغان طالبان ۽ خارجين جي بنا سبب جارحيت تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏيندي افغان طالبان جي ڪيترين ئي چوڪين کي تباهه ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جون آپريشن غضب للحق تحت افغان طالبان جي بنا سبب جارحيت تي ڀرپور ڪارروائيون جاري آهن، پاڪ – افغان سرحد تي افغان طالبان ۽ خارجين جي بنا سبب جارحيت جو پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي ڪيترين ئي چوڪين کي تباهه ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان جي سرشان، المرجان، ايڌي پوسٽ ۽ ٻين ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کي خاڪ ۾ ملايو ويندو، آپريشن غضب للحق سمورا مقرر هدف حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.
پاڪ – افغان سرحد تي خارجين جي بنا سبب جارحيت، پاڪ فوج جو ڀرپور جواب، ڪيتريون ئي چوڪيون تباهه
You might also like