اوڪاڙا (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر ديپالپور ۾ مسجد مان جوتو چوري ٿيڻ تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.
ديپالپور ۾ لاري اڏي ڀرسان رباني مسجد مان جوتا چوري ٿيڻ جي واقعن تي پريشان انتظاميا ديپالپور سٽي ٿاڻي تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ورتو.
جوتا چوري ٿيڻ تي پوليس هيلپ لائن ون فائيو تي ڪال ڪري پوليس کي طلب ڪيو ويو ۽ مسجد جي امام معاذ الرحمان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ آر موجب لاري اڏي ڀرسان مسجد مان جمعي جي نماز دوران ٻن ڄڻن جا جوتا چوري ٿيا، جمعي جي نماز دوران جوتن کان محروم ٿيندڙن ۾ مدثر ۽ احسان شامل آهن، جن جا قيمتي جوتا چوري ڪيا ويا.
You might also like