بالي ووڊ ۾ رنگ جي بنياد تي مٿڀيد ٿئي ٿو، سميتا پاٽل ۽ شبانه اعظمي جو ورثو وکري رهيو آهي: نواز الدين صديقي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار نوازالدين صديقي بالي ووڊ انڊسٽري ۾ نسل پرستي ۽ رنگ جي بنياد تي امتيازي ورتاءَ کي فلمي دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، هڪ تازي انٽرويو ۾ نوازالدين صديقي چيو ته جيتوڻيڪ بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازي (نيپوٽزم) تي گهڻو بحث ڪيو وڃي ٿو، ، پر سندس نظر ۾ اصل مسئلو رنگت جي بنياد تي ٿيندڙ متڀيد آهي.
هن چيو ته ”خوبصورتي جي تعريف ڪنهن خاص معيار تائين محدود نه هئڻ گهرجي، اهو فيصلو ماڻهن تي ڇڏڻ گهرجي.“
سندس چوڻ آهي ته فلمون اڪثر گوري رنگت جي معيار تي لکيون ۽ پروڊيوس ڪيون وينديون آهن، جنهن ڪري ڪڻڪ يا سانوري رنگ وارن فنڪارن کي مرڪزي ڪردار گهٽ ملندا آهن.
هن چيو ته ماضيءَ ۾ آرٽ سئنما جي دور ۾ سميتا پاٽل ۽ شبانه اعظمي جهڙين باصلاحيت اداڪارائن پنهنجي اداڪاري ذريعي هڪ نئين سڃاڻپ قائم ڪئي هئي، پر ڪمرشل فلمن ۾ اڄ به گهڻي ڀاڱي ڪردار ڀوري رنگ وارن اداڪارن جي چوڌاري ڦرندا آهن، سندن ورثو وکري رهيو آهي.
اداڪار اهو به چيو ته سانورين عورتن کي عام طور تي ”سادي يا ايوريج“ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته اولهه وارن ملڪن ۾ ساڳي رنگ کي ”ايگزوٽڪ“ يعني انوکو ۽ دلڪش سمجهيو ويندو آهي.
اداڪار موجب اِها سوچ فلمي نظام ۾ گهرائي تائين موجود آهي، جتي ڪهاڻيون خاص جسماني معيار کي سامهون رکي لکيون وينديون آهن.
نوازالدين صديقي سورڳواسي اداڪار سميتا پاٽل کي پنهنجي پسنديده ۽ سڀ کان خوبصورت اداڪارا قرار ڏيندي چيو ته ڪئميرا جي نظر سان خوبصورتي هڪ الڳ حقيقت رکي ٿي ۽ اصل فن انهيءَ جمالياتي احساس کي پرکڻ ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.