سائنسدانن ڪوئلي مان ماحول دوست بجلي حاصل ڪرڻ جو سمارٽ طريقو ڳولي ورتو

دنيا ۾ ڪوئلي کي ساڙي بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي، پر ان عمل سان فضائي گدلاڻ وڌي ويندي آهي ڇو ته ان مان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿيندي آهي.
ڪوئلي مان بجلي حاصل ڪرڻ جي لاڳت گهٽ هئڻ ڪري ان جو استعمال وڌيڪ ٿئي ٿو.
پر چيني سائنسدانن ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ وارو هڪ ماحول دوست طريقو ممڪن بڻايو آهي.
انهن هڪ اهڙي بيٽري جهڙي ڊيوائس تيار ڪئي آهي جنهن ۾ ڪوئلي کي ساڙڻ جي ضرورت ناهي هوندي، پر ان جو سسٽم ڪوئلي جي ڪيميائي توانائي کي بجلي ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ناهي ٿيندي.
شينزن يونيورسٽي جي سائنسدانن ان بيٽري جي تياري ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ان کي ”ڪوئلي جو فيول سيل“جو نالو ڏنو ويو آهي.
سائنسدانن موجب، هي ڪانسيپٽ بيٽري اثرائتي انداز سان ڪوئلي کي برقي ڪيميائي توانائي جي ذريعي طور استعمال ڪري ٿي ۽ ان کي ساڙڻ کان بچائي ٿي.
سندن چوڻ هو ته ان سسٽم ۾ ڪوئلو گهڻ رخي عمل مان گذري ٿو جنهن کانپوءِ بجلي پيدا ٿئي ٿي.
سيل جي اندر ڪوئلي جا ذرڙا پچيده عمل مان گذري بجلي پيدا ڪن ٿا ۽ روايتي طريقي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهندي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان سسٽم ۾ توانائي به ضايع ناهي ٿيندي، جيڪا ڪوئلي کي ساڙڻ واري عمل دوران ضايع ٿي ويندي آهي.
في الحال هي هڪ ڪانسيپٽ سسٽم آهي جنهن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.