پي ايس ايل 11 جي فائنل لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع، اگهه سامهون اچي ويا

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 جي فائنل لاءِ آن لائين ٽڪيٽن جي وڪرو شروع ٿي ويو آهي.
پاڪستان سپر ليگ جي فائنل جون فزيڪل ٽڪيٽون سڀاڻي صبح کان مقرر ڪيل ڪوريئر سينٽرز تي دستياب هونديون.
فائنل ميچ لاءِ ٽڪيٽ جي گھٽ ۾ گھٽ قيمت 1500 رپيا رکي وئي آهي، جڏهن ته سڀ کان مهانگي ٽڪيٽ 12 هزار رپين ۾ ملندي.
واضح رهي ته پي ايس ايل 11 جو فائنل 3 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جي فائنل لاءِ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.