ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور ۽ رقاصه نورا فتحي کي 2022 جي ڊرگ ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي.
پوليس اختيارين موجب جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته شرڌا ڪپور، نورا فتحي ۽ ٻين نامزد شخصيتن جو مبينا منشيات نيٽ ورڪ سان ڪو واسطو ناهي، ان ڪيس ۾ ڪنهن به سليبريٽي جي ملوث هجڻ جون شاهديون ناهن مليون.
اهو ڪيس آگسٽ 2022 ۾ ان وقت سامهون آيو هو، جڏهن ممبئي پوليس منشيات فروش سليم سهيل شيخ کي گرفتار ڪيو هو.
جوابدار جاچ دوران دعويٰ ڪئي هئي ته هو مختلف تقريبن ۾ شريڪ شخصيتن کي منشيات فراهم ڪندو رهيو آهي.
You might also like