سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کان فٽنيس ۽ هيلٿ جم جا وقت وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
شعيب ملڪ ايڪس تي پنجاب جي وزيراعليٰ کان مطالبو ڪيو ته فٽنيس ۽ هيلٿ جم جا وقت رات 10 وڳي تائين وڌايا وڃن.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ”ڪاروبار لاءِ وقت جو تعين ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، پر فٽنيس ۽ جم جي حوالي سان وقت تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجي ڊيوٽي کان پوءِ ئي جم جو رخ ڪندا آهن، صحت خوراڪ وانگر ئي اهم آهي، ان ڪري جم جا وقت 10 وڳي تائين وڌايا وڃن ته جيئن پاڪستان فٽ رهي.“
ياد رهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايت تي صوبي ۾ بچت پاليسي تحت قدم کنيا ويا هئا.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا.