پاڪستان سخت غذائي بحران جي شڪار 10 ملڪن ۾ شامل

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن عالمي غذائي بحران بابت هڪ نئين رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي افغانستان، بنگلا ديش، ڪانگو، ميانمار، نائجيريا، سوڊان، شام ۽ يمن سان گڏ انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جتي غذائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ ضروري قرار ڏنا ويا آهن.
رپورٽ موجب 2025ع دوران پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهو سخت غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن، جن مان تقريبن 93 لک ماڻهن کي بحران جي سطح تي، جڏهن ته 17 لک ماڻهن کي هنگامي حالت ۾ شمار ڪيو ويو آهي، جيڪا ڏڪار کانپوءِ سڀ کان خطرناڪ درجابندي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غذائي بحران جو هڪ وڏو ڪارڻ موسمي تبديلي آهي، خاص طور تي تيز برساتن ۽ ٻوڏن سبب ملڪ ۾ فصلن ۽ بنيادي ڍانچي کي وڏو نقصان پهتو آهي.
رپورٽ موجب 2025ع ۾ چوماسي دوران ٿيل تيز برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ زرعي پيداوار ۽ روزگار تي سخت اثر وڌو، جنهن سبب 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا.
رپورٽ ۾ غذا ۽ غذائيت بابت ڪيل تجزيي ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ خيبر پختون خواهه سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقا قرار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان جي صورتحال جو مڪمل جائزو وٺڻ لاءِ مڪمل انگ اکر موجود ناهن، جنهن ڪري ڪجهه معاملن ۾ شدت جي واضح درجابندي ممڪن نه ٿي سگهي آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان کي غذائي بحران وارن ملڪن ۾ شامل ڪرڻ جي سببن ۾ صحت جون سهولتون محدود هجڻ، صاف پاڻي ۽ صفائي جا مسئلا، بيمارين جو ڦهلاءُ ۽ غذائيت جي کوٽ شامل آهن.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وڌندڙ مهانگائي 2026ع ۾ لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ غذائي بحران وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.