مان ڀارتي ٽيم جي هر بالر سان نفرت ڪريان ٿو: حسن نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني نوجوان بيٽر حسن نواز ڀارتي بالرن بابت ڏنل هڪ تڪراري بيان سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن تي سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي.
هڪ صحافي سان ڳالهائيندي، پي ايس ايل فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز بيٽر کان جڏهن سندس بيٽنگ حڪمت عملي ۽ وڏيون شاٽس هڻڻ لاءِ بالرن کي نشانو بڻائڻ بابت پڇيو ويو ته حسن نواز چيو ته سندس بيٽنگ پٺيان ڪا خاص پلاننگ ناهي هوندي، پر هن جو مڃڻ آهي ته بيٽرن کي ڀارتي بالرن تي حملو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ”مان ڀارتي ٽيم جي هر هڪ بالر سان نفرت ڪريان ٿو، ڀارتي ٽيم خلاف هر بال بائونڊري لائين جي پار پهچائڻ جي ڪوشش هوندي آهي.
حسن نواز جي ان بيان کانپوءِ آن لائين پليٽ فارمز تي بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪرڪيٽ مداحن طرفان مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.