پي ايس ايل پلي آف، وزيراعظم تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 جي ٽنهي پلي آف ميچن لاءِ به تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم جي اجازت کانپوءِ هاڻي ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ ٽنهي پلي آف ميچن ۾ تماشائي اسٽيڊيم وڃي سگهندا.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم اها هدايت پڻ ڪئي آهي ته تماشائي اسٽيڊيم اچڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو استعمال ڪن.
ياد رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم رڳو فائنل ميچ لاءِ تماشائين کي اجازت ڏني هئي، پر هاڻي پلي آف مرحلي لاءِ به اها سهولت هوندي.
پي ايس ايل جو پلي آف مرحلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ ڪراچي ۾ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيمن جي وچ ۾ ڪواليفائر مقابلو ٿيندو.
ان کانپوءِ اربع تي پهريون ايليمنيٽر حيدرآباد ڪنگزمين ۽ ملتان سلطانز جي وچ ۾ لاهور ۾ کيڏيو ويندو.
ٻيو ايليمنيٽر پهرين مئي تي لاهور ۾ ٿيندو، جڏهن ته ايونٽ جو فائنل 3 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.