وفاقي سرڪار ملڪ کي آمريڪا وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جو اهم اجلاس مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾ پليجو هائوس قاسم آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال، وڌندڙ مهانگائي  ۽ بدامني تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوامي تحريڪ جي باني ۽ مظلوم قومن جي اڳواڻ رسول بخش پليجو جي اٺين ورسي جي موقعي تي 7 جون 2026 تي ڳوٺ منگر خان پليجو، جنگشاهي ۾ هڪ عظيم الشان ملڪگير جلسو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کي مهانگائي جو ايٽم بم قرار ڏيندي رد ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته حڪمرانن ملڪ کي عالمي سامراج وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ ڪارو ڪاري، جرڳائي نظام ۽ عورتن جي قتل عام تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪومت سبب سنڌ عورتن لاءِ جهنم بڻجي وئي آهي. پير وسڻ ۾ انيسا ڦل، ٽنڊومستي ۾ روبينا چانڊيو ۽ لاڙڪاڻو ۾ ماءُ ڌيءَ جي قتل جا واقعا ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ جهنگ جو قانون آهي ۽ آئين جي ڪا به حڪمراني ناهي. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نور احمد ڪاتيار، لال جروار، عمره سمون، راحيل ڀٽو ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پڄاڻي تي عزم ڪيو ويو ته سنڌ ۾ نياڻين جي خون سان انصاف لاءِ ۽ جرڳائي نظام خلاف جاري جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.