واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين هيوٽ جو صدر ٽرمپ جي موجودگي ۾ هڪ ڊنر دوران فائرنگ واري واقعي کان اڳ ڏنل بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي۔ميڊيا رپورٽن موجب، وائٽ هائوس جي صحافين جي سالياني ڊنر کان ڪجهه منٽن اڳ ڪيرولين هيوٽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته تقريب دوران “ڪجهه گوليون هلنديون”۔هي جملو دراصل صدر ٽرمپ جي جارحاڻين ۽ طنزيه تقريرن جي انداز کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو، پر پوءِ اهي ئي لفظ تقريب ۾ فائرنگ واري واقعي جي پسمنظر ۾ توجهه جو مرڪز بڻجي ويا۔تقريب جي ريڊ ڪارپيٽ تي ڪيرولين هيوٽ کان پڇيو ويو ته عوام صدر جي تقرير بابت ڇا اميد رکي، جنهن تي هن چيو ته “هو مڪمل تيار آهن، اڄ جي تقرير روايتي ڊونلڊ ٽرمپ انداز واري هوندي، مزاحيه به هوندي، دلچسپ به ۽ ان ۾ ڪجهه ‘گوليون’ به هلنديون، سڀني کي ڏسڻ گهرجي، اهو تمام زبردست ٿيندو”۔پر ڪجهه ئي دير بعد صورتحال اوچتو تبديل ٿي وئي، جڏهن مرڪزي هال جي ٻاهران سيڪيورٽي چيڪ پوائنٽ ويجهو فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا۔واقعي کان پوءِ ڪيرولين هيوٽ جا اهي لفظ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويا۔