روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ ڊگهي مدي جي فوجي سهڪار تي اتفاق

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي بچاءَ واري وزير آندري بيلوسوف آچر ڏينهن اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن سان پيونگ يانگ ۾ ملاقات ڪئي.
روسي ميڊيا موجب بيلوسوف اتر ڪوريائي اختيارين سان فوجي سهڪار کي مستحڪم ۽ ڊگهي مدي جي بنيادن تي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
اطلاعن موجب روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ 2027 کان 2031 تائين جي هڪ گڏيل سهڪار جي منصوبي تي به صحيحون ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.