ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ جي اڳوڻي باڊي گارڊ ذيشان قريشي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيريئر جي منڍ ۾ اداڪارا کي ايئرپورٽ تي مداحن هراسان ڪيو.
ذيشان قريشي تازو هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هڪ ڀيري ڪجهه ماڻهن عاليا ڀٽ سان تصويرون ڪڍرائڻ جي درخواست ڪئي پر هجوم وڌندو ويو ۽ صورتحال بي قابو ٿيڻ لڳي.
هن چيو ته ماڻهو صفا ويجهو اچي ويا ۽ عاليا ڦاسي پئي، ڪجهه ماڻهن اداڪارا جي جسم جي مختلف حصن کي ڇُهڻ جي ڪوشش به ڪئي، جنهن تي هوءَ واضح طور خوفزده ٿي وئي.
سندس چوڻ هو ته پوءِ عاليا ڀٽ کي حفاظت سان اتان ڪڍيوويو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته اڳتي اهڙي صورتحال پيش نه اچي.
ماڻهن تصويرون ڪڍرائڻ بهاني عاليا ڀٽ جي جسم جي مختلف حصن کي ڇُهيو: باڊي گارڊ جو انڪشاف
You might also like