نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ دهلي ڪيپيٽلز ۽ پنجاب ڪنگز جي ميچ دوران هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر لونگي نگيدي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو آهي.
ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ جاري مقابلي جي ٽئين اوور دوران نگيدي مڊ آف پوزيشن تان پويان ڊوڙندي ڪيچ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان موقعي تي هو پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهيو ۽ پٺيءَ ڀر وڃي ڪريو، جنهن ڪري سندس مٿو زور سان زمين سان ٽڪرائجي ويو.
ان کانپوءِ ميچ گهڻي دير تائين روڪي وئي ۽ گرائونڊ ۾ فزيو ماهرن کيس شروعاتي طبي امداد ڏني.
ڌڪ جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي اسٽريچر گهرايو ويو ۽ کيس اسٽريچر ذريعي ايمبولينس ۾ منتقل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس وڌيڪ اسڪينز لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو.