ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪاجول ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ اصول ٽوڙي چُمي سان سين عڪسبند ڪرائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
بالي ووڊ کي ڪيتريون ئي بلاڪ باسٽر فلمون ڏيندڙ ڪاجول پنهنجي او ٽي ٽي ڊيبيو ”دي ٽرائل: پيار، قانون، دوکو“ ۾ اهڙو قدم کنيو، جنهن کان هوءَ ماضي ۾ ڪيٻائيندي هئي.
ڪاجول ڊگهي عرصي کان اسڪرين تي چمي ڏيڻ جي منظرن کان پري رهي پر ان سيريز ۾ هن اهو اصول ٽوڙي ڇڏيو.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اهو فيصلو مڪمل طور تي ڪردار جي ضرورت تحت ڪيو ويو، اهو رڳو منظر نه هو پر ڪردار جي جذبن ۽ سوچ جي عڪاسي ڪندڙ هو ۽ ان کي هٽائڻ سان ڪهاڻي کي نقصان ٿئي ها.
ڪاجول اعتراف ڪيو ته ان منظر کي عڪسبند ڪرائڻ کان اڳ غير يقيني ۽ بيچيني جو شڪار هيس، هيٺ مان ان کي پنهنجو پيشيوراڻو فيصلو سمجهندي انجام ڏنو.
سيريز ۾ هن اهو منظر اداڪار جيشو سين گپتا سان فلمايو هو.
You might also like