شوقينن لاءِ خوشخبري، وزيراعظم پي ايس ايل فائنل لاءِ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جي فائنل لاءِ تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ”مون وزيراعظم شهباز شريف کان تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي.“
محسن نقوي چيو ته وزيراعظم پڻ چاهيو ٿي ته مداحن کي اجازت ملڻ گهرجي، ان ڪري فرنچائز مالڪن جي درخواست تي وزيراعظم پي ايس ايل فائنل ۾ مداحن کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
هن وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته وزيراعظم بچت مهم تي پڻ زور ڏنو آهي.
واضح رهي ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ آمريڪا-ايران جنگ سبب پيدا ٿيل تيل جي بحران کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم پاڪستان سڄي ملڪ ۾ بچت پاليسي اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.