ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ موسم گرم، شديد گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڄامشوري ۾ اڄ ڪٿي ڪٿي بوندا باندي ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چون آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، اڄ شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
آچر تي ڪراچي ۾ پارو 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته سومر تي گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو. ان دوران شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال رهڻ جو امڪان آهي.
You might also like